ابراهيم آڌيلو

ابراهيم آڌيلو: ميون ابراهيم آڌيلو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ويجهن خليفن مان ٿي گذريو آهي هي ذات جو سومرو ۽ کاري شهر جو رهاڪو هو. روايت آهي ته کيس ڀٽائيرح کان حڪم مليو ته کاري شهر ۾ وڃي رهه، هيءُ اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار نه هو پر ڀٽائي جي حڪم تي کاري شهر ۾ رهيو. روايت آهي ته هڪ ڀيري شاهه ڀٽائي وٽس ڀيرو ڪرڻ ويو. ابراهيم آڌيلي، شاهه سائينءَ کي عرض ڪيو ته ”مون اوهان جي چوڻ تي اچي کارو وسايو ۽ هتي گهاريو. هاڻ مون وٽ اوهان رهو يا پاڻ سان گڏ وٺي هلو.“ جنهن تي کيس شاهه سائين چيو ته: ”تون اتي ئي رهه، البت اسان توکي پنهنجي اڌ امانت ڏيون ٿا. تون اڄ کان ابراهيم آڌيلو آهين.“ هن درگاهه تي پهچڻ لاءِ گهوڙا ٻاريءَ کان خانپور جي ڳوٺ پهچبو ته سامهون ابراهيم آڌيلي جا قبا نظر ايندا.


لفظ ابراهيم آڌيلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو